شرت ڀڳتياڻي

شرت ڀڳتياڻي: هندستان جي نامور سنڌي اداڪار ۽ هدايتڪار شرت ڀڳتياڻي جو جنم 1950ع ڌاري ٿيو. سندس تعليم بي. اي ۽ بزنس مئنيجمينٽ ۾ ڊپلوما آهي. هن ڪيترن ئي سنڌي ۽ هندي ڊرامن، ناٽڪن ۾ اداڪاري توڙي هدايتڪاري ڪري پاڻ مڃايو. سنڌي مشهور ناٽڪن ۾ ‘ٽي باندر’، ‘گهر جمائي’، ‘هاءِ منهنجي دل’، ‘ڪل جڳهه’، ‘بگڙيل گهر’، ‘پل جو پتي’، ‘ياد ڪندا’، ‘ڪاليج هاسٽل’، ‘گوري ڍيري چلو’ ۽ ‘لوڪل ٽرين’ (هندي) قابل ذڪر آهن. ان کان سواءِ هن ڪيترن ئي ناٽڪن ۾ لائيٽنگ ڏني، جن ۾: ‘ڇورا اڳيان پوڙها پٺيان’، ‘تنهنجو ئي آڌار’، ‘آيو نئون زمانو’، ‘آخرين سوال’، ‘ڪاڪو ڪلومل’ وغيره قابل ذڪر آهن. شرت ڀڳتياڻيءَ کي ‘سنڌي رنگ منچ جو چارلي چئپلن’ جو لقب مليل هو.


لفظ شرت ڀڳتياڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو